نور عالم خان جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ نيلم جهلم پروجيڪٽ مڪمل هئڻ جي باوجود بجلي واهپيدارن کان اربين رُپيا وصول ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
اجلاس ۾ چاڻايو ويو ته منصوبا مڪمل ٿيڻ جي باوجود 9 ارب رُپين جو نيلم جهلم سرچارج واهپيدارن کان وصول ڪيا ويا.
اجلاس جي دوران پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته نيلم جهلم سرچارج فوري طور تي واهپيدارن کي واپس ڪيو وڃي.
جڏهن ته پاور ڊويزن جي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته 9 ارب رُپين جي رقم نيلم جهلم ڪمپني کي جاري ٿي چُڪي آهي
سندس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊسڪوز وٽ صرف 2 ڏهائي 9 ارب رُپيا موجود آهن.
ان موقعي تي سيڪريٽري پاور ڊويزن يقين ڏياريو ته جيڪي رقم ڊسڪوز وٽ موجود آهي اها فوري طور تي واهپيدارن کي واپس ڪئي ويندي.
جڏهن ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نور عالم خان چيو ته هي ڇا طريقو آهي جو ڪمپني جي سي اي او جي مقرري ان ئي ڪمپني جو بورڊ پاران ڪئي وڃي.
جنهن تي سيڪريٽري پاور ڊويزن چيو ته هن ئي پارليامينٽ ڪجهه ميهنا پهرين بل منظور ڪيو هو چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي چيو ته ڇا پارليامينٽ جا ميمبر اکيون بند ڪري بل منظور ڪندا آهن.
جنهن بعد پي اي سي پاران پاور ڊويزن جي آڊٽ پيراز بابت انڪوائريون هڪ هفتي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.