پي سي بي “سيروگيٽ ايڊورٽائزنگ” کان بچڻ لڳو، جڏھن تھ نيوزيلينڊ سان سيريز جي اسپانسرز ۾ اڃا تائين اھڙي نيوز ويب سائيٽ شامل ناھي جنھن جي اصل ڪم تي شڪ ظاھر ڪيو ويندو ھجي.
پي سي بي ۾ گذريل ڪجھھ سالن جي دوران ڪجھھ شڪي اسپانسرز سامھون آيا آھن، ظاھري طور تي اھي نيوز ويب سائيٽس آھن پر انھن مان ڪجھھ جو تعلق جوا جي ڪمپنيز سان ٻڌايو پيو وڃي، اھي نالي ۾ معمولي تبديلي ڪري ڪم ڪري رھيون آھن.
گڏيل سيريز کانپوءِ پي ايس ايل ۾ بھ اھو سلسلو جاري رھيو جنھن بعد ڪجھھ رانديگرن احتجاج بھ ڪيو.
محمد رضوان آخري ميچن ۾ ملتان سلطانز جي اسپانسر جو لوگو ٽيپ لڳائي لڪائي ڇڏيو، اھو معاملو گھڻو وڌي ويو تھ پي سي بي کي بھ ايڪشن کڻڻو پيو.
نيوزيلينڊ سان سيريز جي اسپانسرز ۾ ھن ڀيري ڊافا نيوز شامل نھ آھي، ٻين ملڪن ۾ ان لوگو کي ڊافا بيٽس نالي ڪمپني ڪرڪيٽ کي اسپانسر ڪندي آھي.
پي سي بي جو چوڻ آھي تھ پاڪستاني ڪرڪيٽ جي اسپانسر ڪمپني نيوز سائٽ آھي، ھاڻوڪي سيريز ۾ اھڙي طرح جي ٻين ڪمپنين کي بھ اسپانسرشپ نھ ڪرڻ ڏني وئي.
ذريعن موجب اختيارن کي لڳو ٿو تھ سيرو گيٽ اسپانسر شپ سان غلط تاثر سامھون اچي رھيو آھي ان لاءِ نيوزيلينڊ سان ھوم سيرز ۾ مارڪيٽنگ ڊپارٽمينٽ ۽ حقن جي حامي ڪمپني کي في الحال ان کان پري رھڻ جي صلاح ڏني وئي آھي.
گذريل ڏينھن سامھون ايندڙ فھرست ۾ ٽائٽل اسپانسر ھڪ بئنڪ آھي، ٻين ڪمپنيز ۾ بھ ڪا اھڙي نيوز سائٽ شامل ناھي، اڃا بھ واضح نھ ٿي سگھيو آھي تھ بورڊ جو اھو قدم رڳو ھڪ سيريز لاءِ آھي ان کي مستقبل جي سمورن ايوينٽس ۾ لاڳو ڪيو ويندو.