تحريڪ انصاف، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاريءَ بابت اسلام آباد هائيڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ طرفان داخل درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته عمران خان جي گرفتاري غير قانوني آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.
ان کان اڳ وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي اعليٰ قيادت جو اجلاس ٿيو،جنهن ۾ اسلام آباد هائيڪورٽ جي عمران خان جي گرفتاري قانون موجب قرار ڏيڻ واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ويو.