تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪيو ويو آهي، اينٽي ٽيررسٽ اسڪواڊ شاهه محمود قريشي کي به گرفتار ڪرڻ ڪوشش ڪئي، پر کيس وڪيلن ۽ ڪارڪنن بچائي ورتو.
تحريڪ انصاف جو سنيئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ سيڪريٽري جنرل اسد عمر اسلام آباد ۾ هڪ درخواست کڻي آيا هئا جنهن ۾ هنن درخواست ڪئي هئي ته عمران خان سان ملڻ نٿو ڏنو وڃي.
اسد عمر درخواست کڻي چيف جسٽس جي ڪمري طرف ويو جتان ٻاهر نڪرڻ تي اينٽي ٽيررسٽ اسڪواڊ اسد عمر کي گرفتار ڪري ورتو.
اينٽي ٽيررسٽ اسڪواڊ شاهه محمود قريشي کي به گرفتار ڪرڻ ڪوشش ڪئي، پر کيس وڪيلن ۽ ڪارڪنن بچائي ورتو.
شاهه محمود قريشي، اسد عمر، علي اعواڻ ۽ ٻين خلاف رات دير سان آبپاره ۽ ترنول ٿاڻن تي داخل ڪيا ويا هئا.
پوليس ذريعن موجب، اسد عمر کي 16 ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو آهي.