پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي کي سنڌ پوليس گرفتار ڪري ورتو، سندس خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.
تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري علي زيدي جي سنڌ پوليس هٿان گرفتاري جي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي.
علي زيدي مٿان ابراهيم حيدري ٿاڻي تي ٺڳيءَ جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.
فضل الاهي نالي شخص طرفان داخل ڪرايل ڪيس ۾ چيو ويو ته علي زيديءَ 2013 ع فرياديءَ کان 18 ڪروڙ رپيا ورتا ۽ هڪ ملڪيت جا جعلي ڪاغذ ضمانت طور ڏنا.
ايف آءِ آر ۾ چيو ويو ته فضل الاهي کي پيسا نه ۽ نه ئي ملڪيت ملي، ابتو کيس ڌمڪيون ڏنيو ويو.
ايم پي اي راجا اظهر جي اڳواڻي ۾ ابراهمي حيدري ٿاڻي جو گهيراءُ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ جي نياڻي طرفان جاري ڪيل بيان ۾
ساشا زيدي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو ته سندس والد مڪمل ايمانداري سان ملڪ جي خدمت ڪئي آهي.
هن چيو ته علي زيدي هميشه صحيح ۽ غلط وچ ۾ فرق جي سڃاڻپ ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته سندس والد کي ملڪ جي خودمختياري ۽ عزت لاءِ کڙو ٿيڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ساشا زيدي چيو ته نيوٽرل ٻڌائين ته ڇا چورن کي ملڪ تي مڙهي سندن مستقبل سان کيڏڻ جي اجازت ڏيندي.
هن چيو ته ڇا موجوده صورتحال ۾ کين ملڪ ڇڏڻ بابت سوچڻ گهرجي، اميد آهي ته کيس سوالن جو جواب ضرور ملندو.
پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران پڻ علي زيدي جي گرفتاريءَ جي مذمت ڪئي وئي آهي.
تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فرخ حبيب پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته علي زيدي کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته علي زيدي کي پي ٽي آءِ سنڌ جي آفيس مان گرفتار ڪيو ويو.
علي زيدي جي ترجمان موجب علي زيدي کي پوليس اهلڪار پاڻ سان گڏ وٺي ويا آهن.
علي زيدي جي گرفتاريءَ جي وڊيو به شيئر ڪئي وئي، جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
فواد چوڌريءَ جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ چيو ته علي زيدي کي بنا ڪنهن وارنٽ گرفتار ڪيو ويو آهي، ظلم ۽ ڏاڍ جو نطام ڪنهن به صورت قبول نه ڪيو ويندو.