- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي مقبول هئڻ جي دعويٰ عوام رد ڪري ڇڏي آهي، تحريڪ انصاف باني کي ڪرپشن ۾ سزا ته ڪي پي مان گهڻا ماڻهو نڪتا، پي ٽي آءِ پاڻ اڪيلي روڊن تي نڪرڻ جي قابل ناهي، پنجاب ۾ خدمت جي سياست ڪئي پئي وڃي، ڪڻڪ جي پوکائي جي سيٽلائيٽ ذريعي نگراني ٿي رهي آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب ۾ عملي قدم کڄي رهيا آهن، پنجاب جي آبادگارن ڪسان ڪارڊ ذريعي 50 سيڪڙو يوريا جو استعمال ۽ 150 ارب رپين کان وڌيڪ زرعي مصنوعات خريد ڪئي.
سندس چوڻ هو ته ڪڻڪ جي پوکائي جي سيٽلائيٽ ذريعي نگراني ٿي رهي آهي، پنجاب ۾ خدمت جي سياست ڪئي پئي وڃي، رمضان نگهبان پيڪيج لاءِ رجسٽريشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب ۾ هونهار اسڪالرشپ کانپوءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هڪ لک اسڪوٽيون فراهم ڪيون وينديون، مريم نواز تمام جلد شاگردن کي ميرٽ تي ليپ ٽاپ ڏيندي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف باني کي 190 ملين پائونڊ جي ڪرپشن ۾ سزا ملي، پي ٽي آءِ باني جي مقبول هئڻ جي دعويٰ عوام رد ڪري ڇڏي آهي، باني کي سزا تي ڪي پي مان گهڻا ماڻهو نڪتا، پي ٽي آءِ پاڻ اڪيلي روڊن تي نڪرڻ جي قابل ناهي.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته عوام تحريڪ انصاف جي اصل چهري کي سڃاڻي ورتو آهي، ڪي پي جي وڏي وزير کي پنهنجي صوبي جي عوام جو ڪو خيال ناهي.- Advertisement -
