پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ايجنڊا رياست ٽوڙڻ آهي، کين حڪمران بڻائڻ جو حساب ڪير ڏيندو؟ جيڪڏهن ڪو ادارو پي ٽي آءِ کي ٻيهر اقتدار ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندو ته اهو به ڏوهي هوندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڀڃ ڊاهه جا منظر ڏٺا، جي ايڇ ڪيو جا دروازا ٽوڙيا ويا، اهڙي پارٽي ۽ عنصرن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته اهڙن عنصرن بابت سندن راءِ جي تصديق ٿي رهي آهي، هنن ٻارهن سال اڳ عمران خان کي سياست جو غير ضروري عنصر قرار ڏنو هو.
مولانا فضل الرحمان چيو ته اهڙي قسم جي ماڻهن کي حڪمران بڻائڻ جو حساب ڪير ڏيندو؟ جلوس هنن به ڪڍيا، ملين مارچ ڪيا پر هڪ ڪونڊي به نه ٽوڙي وئي، ادارن کي پنهنجو ادار سمجهو.
پي ڊي ايم سربراهه چيو ته ڪيترين ئي تنظيمن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو، نيب عمران خان کي گرفتار ڪيو، جڏهن نيب مخالفن کي پڪڙيو ته جائز هو، احتساب کي انجام تائين پهچڻ گهرجي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته حدن ۾ رهي ادارن سان اختلاف ڪيو ويندو، پهرين ڏينهن کان موقف آهي ته عمران خان سياست جو غير ضروري عنصر آهي، ٻاهرين لابين کيس انجيڪٽ ڪيو، ان کي ڪڍڻو آهي.