سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويندو هو، پوليس ايندي هئي ته اڳواڻ ۽ جيالا عمران خان ۽ پرويز الاهي وانگر ڊڄي ڀڄڻ بدران همت سان گرفتاري ڏيندا هئا.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ٽوئيٽ بيان جي ردعمل ڏيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فرح گوگي ۽ عثمان بزدار ذريعي اربين رپيا بني گالا ۾ جمع ڪيا ويا، انهيءَ تاريخي ڪرپشن جو حساب اوهان کي ڏيڻوپوندو.
پي ٽي آءِ چيئرمين کي مخاطب ٿيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته توهان جي حڪومت ۾ پ پ اڳواڻن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويندو هو، جڏهن ته پوليس ايندي هئي ته شهيد ڀٽي جا جيالاپرويز الاهي يا توهان وانگر ڊڄي ڀڄڻ بدران همت سان گرفتاري ڏيندا هئا.
صوبائي وزير وڌيڪ لکيو ته مني لانڊرنگ جو ڊڪليئر عمران خان پاڻ آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سندس چهري تان شرافت ۽ ايمانداري جو نقاب لاٿو آهي.