سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ جو اليڪشن يا حڪومت سان ڪو به تعلق ناهي، هڪ چور جي گرفتاريءَ کي سياسي انتقام جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ڏيڍ سال کان پاڻ تي لڳل ڪنهن به الزام جو جواب نه ڏنو، جواب گهرڻ تي عدالت ۽ پوليس تي حملا ڪيا ويا.
هن چيو ته هوءَ واضح ڪرڻ چاهي ٿي ته ڪيس ۾ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ ۽ دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو ڏنو ويو آهي.
مريم اورنگزيب چيو ته سيشن ڪورٽن جو تفصيلي فيصلو اچي چڪو آهي، جنهن ۾ واضح طور لکيل آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جواب جمع ڪرائڻ جو پورو موقعو ڏنو ويو.
وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري سياسي ناهي، سندس معاملي کي نوازشريف جي ڪيس سان ملائڻ جي ضرورت ناهي، نوازشريف پاڻ عدالت آڏو پيش ٿي سرخرو ٿيو.
مريم اورنگزيب چيوته پي ٽي آءِ چيئرمين کان سياسي انتقام وٺڻو هجي ها ته اهو ڪم پهرين ڏينهن ئي ڪري سگهجي پيو، اڳوڻو وزيراعظم کي حڪومت گرفتار ناهي ڪيو، ٽرائل مڪمل ٿيڻ ۽ سزا ٻڌائڻ بعد عدالتي حڪم تي گرفتار ٿيو آهي