رينجرز پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي. عمران خان کي هاءِ ڪورٽ اسلام آباد جي اڱڻ مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
عمران خان بائيو ميٽرڪ لاءِ وڃي رهيو هو ته کيس گرفتار ڪيو ويو. رينجرز پي ٽي آءِ چيئرمين کي بڪتر بند گاڏيءَ ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ نيب جي هدايت تي گرفتار ڪيو ويو آهي.