پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ مسرت جميشد چيما جي مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي آهي.
ليڪ ٿيل مبينا آڊيو ۾ عمران خان هائيڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس تي مسرت چيما کي هدايت ڏي ۽ اعظم سواتي کي پيغام پهچائڻ جو به چئي رهيو آهي.
آڊيو ڪال ۾عمران خان چوي ٿو ته ها مسرت ڇا صورتحال آهي؟ ڇا هن کي ميسيج پهچايو ويو؟ مسرت چيما جواب ڏنو ته سر ان کي پيغام پهچايو ويو آهي، اسان اهائيڪورٽ ۾ ويٺا آهيون ۽ اسان نه وينداسين، خان صاحب کي پيش ڪيو.
عمران خان چيو ته خواجه آصف اتي اهي، جنهن تي مسرت چيما چيو ته خواجه حارث ۽ سلمان صفدر ٻئي مون سان گڏ آهن،
مبينا آڊيو ليڪ ۾ عمران خان چيو ته اعظم سواتي سان ضرور ڳالهايو، هو سپريم ڪورٽ ڳالهائي، هي جيڪو هنن ڪيو آهي اهو ته بلڪل مالا فائيڊي آهي، جنهن تي مسرت چيما چيو ته جي سر بلڪل اوهان ڳڻتي نه ڪرايو، پوءِ عمران خان چيو ته هي چيف جسٽس انهن کي آرڊر وٺندو آهي.
عمران خان چيو ته هي چئي رهيو آهي ته نيب وارا آيا، فلاڻا آيا، ته اسان چيو ته سلمان صفدر صاحب آڏو بيٺي آهيان، ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، اسان ڪورٽ ۾ موجود آهيون، ائين نه وينداسين.
عمران خان ٻيهر چوي ٿو ته نه هي ته هنن کان آرڊر وٺندو آهي،اعظم سان ڳالهيو، ان سان ضرور ڳالهايو.