تازه ترين

پ پ جو مطالبو آهي ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي تاريخ ڏئي: سيد نيئر بخاري

پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سيد نيئر بخاري چيو آهي ته پ پ جو مطالبو آهي ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي تاريخ ڏئي، آزاد، صاف ۽ شفاف چونڊن ذريعي پارلياماني جمهوري نظام قائم ڪرڻڻ آئيني گهرج آهي، ملڪ کي مستحڪم ۽ مضبوط بڻائڻو آهي ته آئين تي جيئن جو تيئن عمل ڪرڻو پوندو.

جاري ڪيل بيان ۾ سيد نيئر بخاري چيو ته پيپلز پارٽي سڀني لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ چاهي ٿي، ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ سان چونڊ نتيجن تي سواليا نشان هوندو.

سندس چوڻ هو ته چونڊ نتيجا نه مڃيا ويا ته ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ٿيڻ سان پورائو نه ٿيڻ جوڳو نقصان ٿيندو.

پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سيد نيئر بخاري چيو ته نگران حڪومتن ۽ ادارن طرفان خاص مددگاري جو تاثر عام آهي، پنجاب جي نگران حڪومت ڪهڙي حيثيت ۾ سرائون معطل ڪري رهي آهي.

هن چيو ته وفاقي ۽ نگران صوبائي حڪومتون رڳو خاص پارٽي ۽ شخصيتن جي مددگاري جي قدمن کان پاسو ڪن.

پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سيد نيئر بخاري چيو ته ڇا ڪنهن جوابدار جو لائونچ ۾ بائيو ميٽرڪ جي مدد غير معمولي ڳالهه ناهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون