وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته پ پ قيادت سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهين جي حامي آهي، سپريم ڪورٽ جو اهو ڪم ناهي ته سياسي پارٽين جي ڳالهين کي مانيٽر ڪري، عمران احمد نيازي قومي اسيمبليءَ مان پاڻ ڀڄي ويو هو، رڳو پنجاب ۾ چونڊون وفاق جي سلامتي خلاف ڪريل سازش آهي، قومي ۽ ٻن صوبن جي اسيمبلين جو مدو پورو ڪرڻ آئيني گهرج آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ شازيه مري چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهين جي حامي آهي، سپريم ڪورٽ جو اهو ڪم ناهي ته سياسي پارٽين جي ڳالهين کي مانيٽر ڪري.
سندس چوڻ هو ته عمران احمد نيازي قومي اسيمبليءَ مان پاڻ ڀڄي ويو هو، عمران نيازي کي خبر هئي ته عدالتي گهوڙين تي بيٺل پنجاب حڪومت ڍير ٿيڻ واري آهي.
وفاقي وزير شازيه مري چيو ته رڳو پنجاب ۾ چونڊون وفاق جي سلامتي خلاف ڪريل سازش آهي، قومي ۽ ٻن صوبن جي اسيمبلين جو مدو پورو ڪرڻ آئيني گهرج آهي، عمران نيازي جي ذهني ڪيفيت پل پل ۾ تبديل ٿيندي آهي.