ڀارت، چين کي پوئتي ڌڪي دنيا جو سڀ کان وڏي آبادي وارو ملڪ بڻجي ويو.
اها ڳالهه گڏيل قومن طرفان جاري ڪيل نئين ڊيٽا ۾ سامهون آئي آهي.
بلومبرگ جي پورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي ورلڊ پاپوليشن فنڊ جي طرفان 2023 جي ڊيٽا جاري ڪئي وئي آهي .
ڊيٽا ۾ اندازي موجب ڀارت جي آبادي 1.428 ارب ٿي وئي آهي، ان جي مقابلي ۾ چين جي آبادي هن وقت 1428 آهي، ڀارت جي آبادي چين جي مقابلي ۾ 29 لک کان وڌيڪ آهي.
اهو پهريون ڀيرو آهي جڏهن چين جي جاءِ تي ڀارت دنيا جو سڀ کان وڏي آبادي وارو ملڪ بڻيو آهي.
ڊيٽا موجب اهو واضح نه آهي ته ڀارت جي آبادي ڪڏهن چين کان وڌيڪ ٿي پر هو چئي سگهن ٿا ته چين جي آبادي ۾ گذريل سال گهٽتائي اچڻ شروع ٿي هئي جڏهن ته ڀارت جي آبادي وڌي رهي آهي.
ڀارت ۾ 50 سيڪڙو آبادي 30 سال کان گهٽ ماڻهن تي ٻڌل آهي.
واضح رهي ته چين جي شماريات کاتي 17 جنوري 2023 تي ٻڌايو هو ته ملڪي آبادي 1.412 ارب آهي ۽ 1961 کانپوءِ پهريون ڀيرو آبادي ۾ گهٽتائي ٿي آهي.
ڀارت طرفان 2021ع ۾ آدم شماري جي ڊيٽا جاري ٿيڻي هئي پر اها اڃا تائين جاري نه ڪئي وئي آهي ڇو ته ڪورونا وائرس جي وبا سبب آدم شماري جو عمل دير جو شڪار ٿيو آهي.