ڀارتي رياست اولهه بنگال ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 14 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب اهي واقعا اولهه بنگال جي پنجن مختلف ضلعن ۾ پيش آيا، جتي کنوڻ ڪرڻ سبب 14 ڄڻا فوت ٿيا.
ڊزاسٽر مينيجمينٽ ڊپارٽميٽ موجب اولهه بنگال ۾ وچين درجي جي برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن دوران کنوڻ ڪرڻ جا واقعا به پيش آيا.
انتظاميا موجب کنوڻ ڪرڻ سبب چار ماڻهو پوربا برڌمان، 2 مرشد آباد ۽ ٻه پرگناس ۾ فوت ٿيا، جڏهن ته ٻين علائقن ۾ به ماڻهو فوت ٿيا آهن.
ڊزاسٽر مينيجمينٽ ڊپارٽميٽ موجب حياتيون وڃائيندڙن جي اڪثريت ۾ هاري شامل هئا، جيڪي پنهنجي زمينن تي ٻني ٻاري جو ڪم ڪري رهيا هئا.