ڀارت جي جمهوريت واري ڏهاڙي تي آزاد ۽ والاريل ڪشمير ۾ اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.
والاريل وادي جي مختلف علائقن ۾ هڙتال ڪئي وڃي.
اڄوڪي ڏينهن آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ مختلف ملڪن جي گادي وارن شهرن ۾ ڀارت مخالف مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون پيون وڃن.
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس چيو آهي ته ڀارت جي جمهوريت جو ڏهاڙو سندن لاءِ ڪارو ڏينهن آهي، ڪشميري اڄوڪو ڏهاڙو ڪاري ڏينهن طور ملهائي رهيا آهن.
ڀارت جي جمهوريت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس چيو ته ڀارت ڪشميرين کي آزادي جو حق ڏيڻ واري واعدي تان ڦري رهيو آهي.
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس چيو ته ڀارت ۾ ڪوبه اقليتي محفوظ ناهي