ڀارت جي هڪ اولڊ هوم ۾ ستر سالن جي پيرسن جوڙي شادي ڪري ڇڏي آهي، سندن چوڻ آهي ته شادي رڳو جسماني مزو ناهي.
ڀارت جي علائقي ڪولهاپور جي پيرسن جوڙي شادي ڪئي ته سموري مهاراشٽر رياست ۾ اِن شاديءَ جا چرچا آهن.
ڪولهاپور جي ڳوٺ گهوسرواڙ جي 37 سالن جي بابو رائو پٽيل ۽ 70 سالن جي انوسيا شندي دنيا جي طعنن مهڻن کي نظرانداز ڪندي هڪٻئي کي جيون ساٿي بڻايو.
ڪولهاپور ضلعي جي شرالا تعلقي جي ڳوٺ گهوسرواڙ ۾ گذريل سترهن سالن کان اولڊ ايج هوم ۽ اسڪول هلي رهيو آهي، جتي پيرسن جوڙي سميت مهاراشٽر ۽ ڪرناٽڪ رياستن جا 30 بزرگ رهن ٿا.
پـُـوني جي رهواسي انوسيا شندي شروع ۾ پنهنجي مڙس سري رنگ شندي سان اِن اولڊ ايج هوم ۾ آئي هئي پر چار مهينا اڳ سندس مڙس لاڏاڻو ڪري ويو.
بابو رائو جي وري گهرواري گذاري وئي ته هن پنهنجن ٻارن کي ساهرن ۾ ڇڏي ڏنو، جنهن کانپوءِ ٻارن سان سندس ناتو ٽٽي ويو، سندس ڪاروبار ڪورونا سبب بند ٿي ويو، هو وڏي ڀاءُ وٽ رهيو پر اُتي به نه رهي سگهيو ۽ اولڊ ايج پهتو.
14 فيبروري ويلنٽائن ڊي تي هڪ ڪاليج ۾ اولڊ ايج هوم ذريعي پروگرام ڪوٺايو ويو ته ٻنهي ڪراڙن جي دل ۾ شاديءَ جو خيال آيو، پروگرام کانپوءِ بابو رائو اولڊ ايج هوم پهچي ڪنهن نوجوان جيان انوسيا کي گلاب جو گل ڏئي شاديءَ جي آڇ ڪئي، عورت کيس انڪار نه ڪيو ۽ ڪجهه وقت طلب ڪيو.
اولڊ ايج جي منتظم خبر پوڻ تي انوسيا سان ڳالهايو ته هوءَ شادي ڪرڻ تي راضي ٿي، جنهن کانپوءِ ٻنهي کي پرڻايو ويو، ٻنهي شاديءَ کانپوءِ به اولڊ ايج هوم ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان سلسلي ۾ بابو رائو جو چوڻ آهي ته شادي رڳو جسماني مزو ۽ اولاد پيدا ڪرڻ لاءِ ناهي پر هن رشتي جو مقصد هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ آهي، جنهنڪري هنن شادي ڪئي آهي…