ڀارت ۾ پنجاب پوليس خالصتان تحريڪ سان ھمدردي رکندڙ اڳواڻ امرت پال سنگھ کي ڇھن ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب، سموري پنجاب ۾ سڀاڻي 2وڳي تائين انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي آھي.
امرت پال “ وارث پنجاب دي” جي نالي سان ھڪ تنظيم ھلائي رھيو آھي جنھن کي اداڪار ديپ سڌو قائم ڪيو ھو، ديپ سڌو گذريل سان روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو ھو.
پوليس ستن ضلعن تائين امرت پال سنگھ ۽ سندس ساٿين جو پيڇو ڪيو ۽ جالنڌر جي شاھ ڪوٽ تعلقي ۾ قائم مھتاپور ڳوٺ مان کيس گرفتار ڪيو ويو.
پوليس شاھ ڪوٽ ۾ سمورا روڊ رڪاوٽون رکي بند ڪري ڇڏيا آھن ۽ ڪيترن ئي شھرن ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي.