پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پاران ڀارت جو دورو ڪشميرين جي جدوجهد جي پٺيءَ ۾ ڇـُـري هڻڻ برابر آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته ڪشمير معاملي کي دفن ڪري ڀارت سان لاڳاپا ٺاهڻ هڪ انٽرنيشنل ايجنڊا جو حصو آهي، ان ايجنڊا تحت هن حڪومت کي پاڪستان تي مڙهيو ويو آهي.
هن چيو ته ڀارت سميت ٻين ملڪ سان لاڳاپن جا هو حامي آهن پر ڪنهن به طور ذيلي ملڪ نٿا بڻجي سگهن، لاڳاپا برابري جي بنياد تي هجڻ گهرجن.
فواد چوڌري چيو ته پاڪستان پنهنجي ويجهن دوست ملڪن وٽ اهميت وڃائي رهيو آهي، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.