ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ نرمدا درياهه جي پاڻي تي هلندڙ ٻڍڙي عورت جي وائرل وڊيو جي حقيقت سامهون اچي وئي.
مڌيا پرديش جي علائقي جبل پور ۾ هڪ ٻڍڙي عورت جي وڊيو وائرل ٿي وئي جنهن کي درياهه ۾ هلندي ڏسي سگهجي ٿو.
مقامي ماڻهن ان پاڻي تي هلندڙ عورت کي ڪرامتي سمجهي کيس نرمدا ديوي جو لقب ڏئي پوڄا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب، ماڻهن جو چوڻ آهي ته پاڻي تي هلندڙ ٻڍڙي عورت جا ڪپڙا به آلا نه پيا ٿين.
ٻئي طرف ڀارتي پوليس وڊيو ۾ نظر ايندڙ ٻڍڙي عورت جي سڃاڻپ جيوتي رادهونشي جي نالي سان ڪندي چيو آهي ته هوءَ 10مهينا اڳ پنهنجو گهر ڇڏي نڪري وئي هئي جڏهن ته سندس وارثن گمشدگي جي درخواست داخل ڪئي هئي.
ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي عورت ڪرامتن جي افواهن کي رد ڪندي ٻڌايو ته مٿس گهر جي ڪا به ذميواري نه هئي ۽ ان لاءِ گهر ۾ ڪنهن کي ٻڌائڻ کانسواءِ هوءَ ياتري تي نڪري آئي هئي.
عورت چيو ته هن ۾ ڪا به ڪرامت نه آهي، نه ئي هوءَ پاڻي جي مٿان هلي رهي هئي، اصل ۾ هوءَ ياترا وقت اهڙي حصي تان درياهه پار ڪري رهي هئي جيڪا سڪل جاءِ هئي، درياهه مان نڪرڻ بعد هو تقريبن 20منٽن تائين پوجا ڪندي رهي.
مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي درياهه ۾ داخل ٿيڻ بعد ماڻهن جو هڪ وڏو هجوم پهتو ۽ کيس ڪرامتي عورت سڏڻ شروع ڪيو.