راجستان جي ڪانگريس اڳواڻ ســُک جندر سنگهه رنڌاوا مودي سرڪار جي پلواما ڊرامي تي سوال اٿاريا آهن.
راجستان جي شهر جئه پور ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ســُک جندر سنگهه رنڌاوا چيو ته چار سال گذرڻ باوجود پلواما حملي جي انڪوائري رپورٽ سامهون ڇو ناهي آئي؟
هن چيو ته مودي پلواما حملو اليڪشن کٽڻ لاءِ نه ڪرايو؟ ڇاڪاڻ ته ان واقعي جي ٻن مهينن کانپوءِ اپريل 2019ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ موديءَ پلواما حملي کي بنياد بڻائي هندو ووٽرن جي همدردي حاصل ڪئي.
ســُک جندر سنگهه رنڌاوا چيو ته مودي چيو هو ته گهر ۾ گهڙي مارينداسين پر ابتو پاڪستان گهر ۾ گهڙي ماريو.
هن چيو ته مودي ڀارت جو ٻيڙو ٻوڙي رهيو آهي، اقتدار ۾ رهيو ته ملڪ ختم ٿي ويندو، مودي جي هوندي هو غلامي طرف وڃي رهيا آهن.
ڪانگريس اڳواڻ چيو ته مودي خاص طور اڏاڻي کي ايسٽ انڊيا ڪمپني جيان هندستان کي تباهه ڪرڻ لاءِ آندو آهي.
موديءَ کي آئينو ڏيکارڻ تي ســُک جندر سنگهه رنڌاوا جي بيانن کي غداريءَ سان منسوب ڪيو پيو وڃي.