ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ ڪڪڙ جي ٻوڙ تي جھيڙي بعد پيءُ پنھنجي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب، 32ورھين جي شيورام جو گھر ۾ ڪڪڙ جو ٻوڙ کائڻ جي معاملي تي پنھنجي پيءُ شينا سان گڏ جھيڙو ٿي پيو، انھي دوران پيءُ پٽ کي ڏنڊو ھنيو جنھن ۾ سندس موت واقع ٿيو.
رپورٽس ۾ چيو ويو آھي تھ مقتول شيورام جڏھن نوڪري کان گھر واپس آيو تھ سندس گھر ۾ پڪل ٻوڙ بابت پوڇيو، خبر پئي تھ ٻوٽ ختم ٿي ويو آھي جنھن تي ھن پيءُ سان جھيڙو ڪرڻ شروع ڪيو.
ٻنھي وچ ۾ ڏند چڪن بعد پيءُ ڪاوڙ ۾ اچي پٽ کي ڏنڊو ھنيو، مارجي ويل نوجوان کي ٻن ٻارڙن جو اولاد ھو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.