ڀارتي عدالت 2002ع جي گجرات وڳوڙن دوران 11 مسلمانن جي قتل ۾ ملوث 69 ماڻهن کي بري ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب بري ٿيلن ۾ هندو انتها پسند حڪمران پارٽي بي جي پي جو اڳوڻو وزير به شامل آهي.
ڀارتي رياست گجرات جي شهر احمد آباد ۾ 11 مسلمانن جي قتل جي داخل ڪيس موجب فيبروري 2002ع ۾ ٿيل فرقيوار وڳوڙن دوران هندو انتها پسندن مسلمان آبادي ۾ گهرن کي باهه ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 11 مسلمان شهيد ٿيا.
حملي جي جاچ موجب گجراج پوليس مسلمانن جي ڪابه مدد نه ڪئي ۽ کين وڳوڙين جي رحم تي ڇڏي ڏنو.