ڀارت ۾ امتحاني نتيجن جي 48 ڪلاڪن اندر 9 ٻارن پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب رياست آنڌرا پرديش ۾ يارهين ۽ ٻارهين جي امتحانن لاءِ 10 لک ٻارن حصو ورتو، جن مان يارهين جي امتحان ۾ 61 سيڪڙو ۽ ٻارهين ۾ 72 سيڪڙو نتيجا سامهون آيا.
آنڌرا پرديش بورڊ طرفان نتيجا جاري ڪرڻ جي 48 ڪلاڪن اندر 9 شاگردن ۽ شاگردياڻين آپگهات ڪيو آهي.
رپورٽن موجب شاگردن ۽ شاگردياڻين امتحان ۾ فيل ٿيڻ تي پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اُجهايو، آپگهات ڪندڙن جي اڪثريت وڏن تعليمي ادارن ۾ پڙهي هئي.
ڀارتي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ڊي واءِ چندرا آپگهات جي واقعن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته تعليمي ادارن ۾ ڪٿي ته غلطيون ٿيون آهن جو ٻار پنهنجون حياتيون پاڻ ختم ڪري رهيا آهن.