پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ شيڊول ورلڊ ڪپ 2023 کٽڻ سندن حدف آهي.
قومي ٽيم جي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر چيو ته پاڪستان کي ڀارت جي هوم گرائونڊ تي ورلڊ ڪپ کٽرائڻ پهريون حدف آهي، آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ به قومي ٽيم کي ڪامياب ڏسڻ چاهي ٿو، اهو مشڪل آهي پر ناممڪن نه آهي.
مڪي آرٿر نوجوان بيٽر محمد حارث ۽ صائم ايوب جي صلاحيتن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي ۾ ٽئلينٽ آهي ۽ ٻئي نوجوان رانديگر مئچ جو نقشو بدلائي سگهن ٿا.