ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي سان وڌڻ لڳا آهن، گذريل 24ڪلاڪن دوران وڌيڪ 10 هزار ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب ڀارت ۾ اڄ رپورٽ ڪيسن جو انگ 10هزار 158 آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن 7هزار 830 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا.
ڀارت جي صحت واري وزارت جو چوڻ آه ته هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا وائرس جي 30سيڪڙو ڪيسن ۾ واڌ ٿي آهي.
ڀارت ۾ فعال ڪيسن جو انگ 4ڪروڙ 42لک کان وڌيڪ ٿي ويو آهي.
سرڪاري ذريعن موجب ڀارت ۾ ڪورونا ڪيس وڌي رهيا آهن ۽ ايندڙ 10 کان 12 ڏينهن تائين ڪيس وڌنڌا.