ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جو خطرو ٻيهر وڌي ويو آهي، 24ڪلاڪن دوران 4 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ۽ 15ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، گذريل 24ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 4هزار 435ڪيس ۽ 15ڄڻا فوت ٿيا آهن، گذريل سال سيپٽمبر کانپوءِ ڪورونا ڪيسن ۾ سڀ کان گهڻي واڌ ٿي آهي.
ڀارت جي صحت کاتي موجب، ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي روزاني شرح 3ڏهائي 38رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪورونا سبب فوتگيون مهاراشٽر، ڇتيس ڳڙهه، نئين دهلي، گجرات، هرياڻا، ڪرناٽڪ ۽ راجسٿان ۾ رپورٽ ٿيون.
ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين 5لک 30کان وڌيڪ وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.
ڀارتي حڪومت ماڻهن کي احتياط ڪرڻ جي اپيل ڪندي عوامي هنڌن تي ماسڪ پائڻ ۽ وٿي برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.