ڀارت ۾ ھٿياربندن قانونساز اسيمبلي جي ميمبر ۽ سندس ڀاءُ کي پوليس حراست ۾ گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن تھ آل انڊيا مجلس اتحاد المسلمين جي طرفان واقعي جي مذمت ڪئي وئي آھي.
اترپرديش رياست ۾ ڏينھن ڏٺي جو ايم ايل اي عتيق احمد ۽ سندس ڀاءُ اشرف کي پوليس جي حراست دوران ھٿياربندن گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو .
قتل جي ڪيس ۾ ايم ايل اي عتيق احمد ۽ ٻين ماڻھن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي ھئي، جڏھن تھ اشرف کي ڪيس مان بري ڪيو ويو ھو.
ٻنھي ڀائرن کي پوليس حراست ۾ ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ اسپتال پھچائڻ بعد واپسي تي ميڊيا سان ڳالھائڻ دوران گوليون ھڻي کين قتل ڪيو ويو.
ھڪ ڏينھن اڳ ئي ايم ايل اي عتيق احمد جي پٽ کي ھڪ مبينا مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو ھو.
عتيق احمد ۽ سندس ڀاءُ جي قتل جي مذمت ڪندي آل انڊيا مجلس اتحاد المسلمين جي اڳواڻ اسد الدين اويسي چيو آھي تھ ھٿڪڙيون لڳل ٻن ڀائرن جو قتل ۽ ھندو انتھاپسندي تي ٻڌل نعرا رياست جي وڏي وزير يوگي ادتيا ناٿ جي امن ۽ امان جي قتل ۾ ناڪامي جو وڏو ثبوت آھي.