ڀريا روڊ ويجهو ڪينال ۾ ٻڏي ويل نوجوان جو لاش هٿ اچي ويو آهي.
ست ڏينهن اڳ ريلوي ڪالوني واسي زيتون کپائيندڙ رضا ڀٽو نصرت ڪينال ۾ ٻڏي ويو هو.
مقامي ٽوٻن جي مدد سان ڳوٺ لڪڙ بروهي ويجهو رضا ڀٽو جو لاش نصرت ڪينال ۾ ڪنڊن ۾ ڦاٿل مليو.
لاش هٿ اچڻ کانپوءِ وارثن ۽ شهرين شڪراني جي نقل ادا ڪيا.
وارثن لاش کڻائي گهر پهچايو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.