سنڌ هاءِ ڪورٽ پي آءِ بي ۾ چائنا ڪٽنگ ڪيس ڌرين کي 24 فيبروري تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي آءِ بي ۾ چائنا ڪٽنگ ڪرڻ واري ڪيس داخل ڪيس جي ٻڌڻي.
عدالت ۾ درخواستگذار شاهد موقف اختيار ڪيو ته صبا صادق روڊ تي ۽ مينا بازار ڀرسان روڊ تي قبضا ڪيا ويا.
درخواستگذار شاهد چيو ته عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آهي عدالتي حڪم نامو به موجود آهي.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته بلڊر مافيا طرفان ڪو به جواب داخل نه ڪيو ويو،
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ايس بي سي اي سميت ڪو به ادارو ذميواري ادا نه ڪري رهيو آهي درخواست ڏيڻ باوجود ڪو به عمل نه پيو ڪيو وڃي.
درخواستگذار جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت گهرو کاتي واري سيڪريٽري، ڊي سي اوڀر، ڊي آءِ جي اوڀر ۽ اينٽي انڪروچمنٽ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت ڊي جي، ايس بي سي اي، ايس ايڇ او عوامي ڪالوني سميت ٻين واسطيدار ڌرين کي به نوٽيس جاري ڪندي 24 جنوري تائين عدالت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.