اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هو چونڊن کان ڀڄن نٿا پر چاهن ٿا ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي وقت ٿين، آءِ ايم ايف کان قرض جي قسط ملڻ واري آهي، حڪومت کي وقت گهرجي، عمران خان پنهنجي آرمي چيف ذريعي 2035ع تائين اقتدار ۾ رهڻ جي منصوبا بندي ڪئي، بي اعتمادي رٿ کانپوءِ جنرل قمر باجوه چيو ته هو عمران خان کان استعيفيٰ ڏياري ٿو عام چونڊون ڪرايون وڃن پر هن ۽ مولانا فضل الرحمان مخالفت ڪئي.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيدي آصف زرداري چيو ته عمران خان 2025 تائين وزير اعظم بڻجڻ جو پلان جوڙيو، هنن عدم اعتماد جي تحريڪ آڻي پلان ناڪام بڻايو.
اڳوڻي صدر چيو ته سياست ۾ ڳالهين جا در ڪنهن به صورت ۾ بند نه ٿيندا آهن، سياسي جدوجهد هر ڪنهن جو حق آهي، هٿيار نه کڻڻ گهرجن.
هن چيو ته سندس ۽ عمران جي ڊوميسائل جو فرق آهي، سنڌ جو ڊوميسائل رکندڙ وزير اعظم ڇو نه ٿو ٿي سگهي، هو چونڊن کان ڊڄڻ وارا ناهن.
آصف زرداري چيو ته هو 14 سيٽن تي به اچي قومي اسيمبلي ۾ ويٺا، سموريون پارٽيون چونڊن جي معاملي تي گڏجي فيصلو ڪن، پاڪستان ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊ ٿئي ٿي ته اهو آئيني حق آهي.
اڳوڻي صدر چيو ته کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو، عمران آزاد گمهي رهيو آهي.
آصف زرداري چيو ته هنن اڳ به پهريان به پاڪستان بچايو هو هاڻي به پاڪستان بچائيندا.