چمبڙ ويجهو پوليس مين پڙي جي ڪارخاني تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪري پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس پي ٽنڊو الهيار سيد سليم شاهه جي اڳواڻي ۾ پوليس منشيات وڪرو ڪندڙ نارو ٺاڪر جي منشيات جي اڏي تي ڇاپو هنيو.
پوليس ڇاپي دوران مين پڙي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جا 100 ڪٽا هٿ ڪري پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايس ايس پي ٽنڊو الهيار جو چوڻ آهي ته منشيات وڪرو ڪندڙ سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي، منشيات جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.