اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاھ چيو آهي ته چونڊن جي تاريخ نواز شريف جي ڪري رڪيل آهي، ميان صاحب ھڪڙي ڳالھه ياد رکي جيڪڏھن ھو عمران واري رستي آيو ته ھو به تاريخ جو ھڪ مثال بڻجي ويندو.
سکر ۾ پنهنجي جي رھائشگاھ تي ميڊيا سان ڳالھائيندي خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف کي ھٿ ٻڌي عرض ٿو ڪري ته هو ھن رياسٽ جي سڃاڻ ڪري.
هن چيو ته ھن وقت تائين نواز شريف ئي لاڏلو نظر اچي رھيو آھي،بھترين سياست ڪيو ڪنھن جي مدد سان نه اچو، ائين نه ٿئي جو گو نواز گو جا نعرا وري لڳي وڃن.
سندس چوڻ هو ته هو پھريان کان چوندا پيا اچن ته اليڪشن جي تاريخ نواز شريف لاءِ روڪي وئي آھي، ميان صاحب کي چوڻ گھرجي ته هو اچي ويو آھي، اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي.
خورشيد شاهه چيو ته اسٽيبلشمينٽ جيڪا فيور ڏني آھي اھا لڪي يا نه لڪي پر ھڪڙي شي واضح ٿي ويندي، نواز شريف ھڪڙي ڳالھه ياد رکي جيڪڏھن ھو عمران واري رستي آيو ته ھو به تاريخ جو ھڪ مثال بڻجي ويندو.
هن چيو ته پ پ جڏھن به ايندي آھي پنھنجو کليل منشور کڻي ايندي آھي،آئين ۽ قانون جا ڪلاسز هنن وٽ به آھن ڪھڙي ڪلاس تحت ڪيس ٺھندا ۽ فوجي عدالتن ۾ ڪيس ھلندا.