خوابن جي شهزادي صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته چونڊون ملتوي ٿيون ته ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳي سگهي ٿي، مستقبل ۾ به حالتون بهتر ٿيندي نظر نه اچي رهيون آهن، اپريل ۾ اهم فيصلا نه ٿيا ته مئي ۾ ڪيترائي ماڻهو جيل يا وري پرڏيهه ويندي ڏسي رهيو آهي، عام چونڊون ٿيون ته عمران خان وزيراعظم نه ٿيندو ڪو ٻيو اچي سگهي ٿو.
جاري ڪيل بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته اپريل ۾ اهم فيصلا نه ٿيا ته مئي ۾ ڪيترائي ماڻهو جيل يا وري پرڏيهه ويندي ڏسي رهيو آهي، مستقبل ۾ به حالتون بهتر ٿيندي نظر نه اچي رهيون آهن.
سندس چوڻ هو ته چونڊون ملتوي ٿيون ته ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳي سگهي ٿي، عام چونڊون ٿيون ته عمران خان وزيراعظم نه ٿيندو ڪو ٻيو اچي سگهي ٿو.
صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته عمران خان غلطي مٿان غلطي ڪندو رهندو ۽ چونڊون آڪٽوبر ۾ به نه ٿي سگهنديون، هو اليڪشن لاءِ تيار آهن، آڪٽوبر ۾ نه ته آگسٽ ۾ چونڊون ٿي وڃن.
هن چيو ته حالتون خراب ٿيون ته ملڪ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿينديون، ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نون ۽ تحريڪ انصاف ۾ سخت مقابلو ٿيندو.
خوابن جي شهزادي صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته پنجاب ۾ پنجاب ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن ته خيبرپختونخوا ۾ ڇو نه ٿي رهيون آهن؟.