گجرات ۾ پوليس چوڌري پرويز الاهي ۽ سندس ڀاءُ چوڌري وجاهت جي گهرن تي ڇاپا ملازمن کان پڇاڳاڇا ڪرڻ کانپوءِ واپس رواني ٿي وئي.
رات دير سان پوليس ڪنجاهه هائوس ۽ نت هائوس تي چڙهائي ڪري ڀـِتيون ٽپي اندر داخل ٿي ويا ۽ مختلف حصن جي تلاشي ورتي.
پوليس ملازمن کان پڇا ڳاڇا ڪئي، جنهن کانپوءِ ڪنجاهه هائوس مان حراست ۾ ورتل ٽن ملازمن کي ڇڏي ڏنو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ تحريڪ اصاف جو صدر پرويز الاهي گهر ۾ موجود نه هو.
هوڏانهن چوڌري پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي به سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته پوليس ٻيهر ڇاپو هنيو آهي، چوڌري پرويز الاهي جي گهر ٻاهران پوليس جي نفري موجود آهي.
هن چيو ته پوليس وٽ سرچ وارنٽ ناهي تنهن باوجود پوليس کي تلاشي وٺڻ جي اجازت ڏني وئي.
ٻئي طرف اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪنجاهه هائوس تي هائوس تي ڇاپي سان سندن ڪو به تعلق ناهي، اها پوليس جي ڪارروائي آهي.