چين جو صدر شي جن پنگ ايندڙ هفتي روس جو اهم دورو ڪندو.
چيني پرڏيهي وزارت موجب شي جن پنگ 20 کان 22 مارچ تائين روس جو دورو ڪندو.
چيني پرڏيهي وزارت موجب صدر شي جن پنگ روسي هم منصب جي دعوت تي روس جو دورو ڪري رهيو آهي.
هوڏانهن روسي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڳالهيون ٿينديون.
روسي اختيارين موجب دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم معاهدن تي صحيحون پڻ ٿينديون.
چيني صدر ان وقت دورو ڪري رهيو آهي جڏهن يوڪرين ۽ روس وچ ۾ جنگ بندي ۽ ڳالهين ذريعي مسئلي کي حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
فيبروري 2022 ۾ يوڪرين تي حملي بعد چيني صدر جو اِهو پهريون روسي دورو هوندو.
ان کان اڳ سيپٽمبر 2022 ۾ چيني صدر روسي هم منصب سان ازبڪستان ۾ ٿيل شهنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس دوران ملاقات ڪئي هئي.
ٻي طرف اسود سمنڊ ۾ آمريڪي ڊرون ڪيرائڻ تان چين ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي، ان لاءِ چيني صدر جو روسي دورو اهم تصور ڪيو پيو وڃي..