چين طرفان فلسطين-اسرائيل امن ڳالھين لاءِ سھولتڪاري جي آڇ ڪئي وئي آھي.
چيني ميڊيا موجب، چين جي پرڏيھي وزير چن گانگ اسرائيل ۽ فلسطين جي اعليٰ سفارتڪارن سان گڏ ڌار ڌار ٽيليفونڪ رابطو ڪيو.
چين جي پرڏيھي وزير چن گانگ چيو تھ چين ڌرين وچ ۾ امن ڳالھين ۾ سھولتڪاري فراھم ڪرڻ لاءِ تيار آھي، ھو ڳالھين جي فوري طور بحالي جي حمايت ڪن ٿا.
چين جي پرڏيھي وزير ٻنھي ملڪن جي اڳواڻن تي رياستي حل تي عملدرآمد جي بنياد تي امن ڳالھين تي چين جي موقف تي زور ڏنو.
واضح رھي تھ چين سفارتي ميدان ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندي ايران –سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو ھو.