چين پاڙيسيري ملڪ تائيوان جي ويجھو فوجي مشقون شروع ڪري ڇڏيون آھن جيڪي ٽن ڏينھن تائين جاري رھنديون.
پرڏيھي خابرو اداري موجب، چيني فوج جي ھڪ ترجمان چيو آھي تھ اھي مشقون تائيوان جي آزادي جي خواھشمند عليحدگي پسند ۽ پرڏيھي طاقتن جي وچ ۾ ملي ڀڳت ۽ سندن نفرت جوڳين سرگرمن خلاف ڪيون پيون وڃن.
چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي اوڀر ڪمانڊ بيان ۾ چيو تھ يونائيٽيڊ شارپ سورڊ جي نالي سان موسوم ۾ ٽي ڏينھن آپريشن سومر تائين جاري رھندو.
چين جي ميري ٽائيم اٿارٽي جو انھي حوالي سان چوڻ آھي تھ فوجيان جي سمنڊ تي سڌي ريت فائر مشقون ڪيون پيون وڃن.
چين جي سرڪاري خابرو ايجنسي موجب فوج جي ترجمان چيو آھي تھ اھي مشقون تائيوان جي سامونڊي علائقن ۽ ھوائي حدن ۾ ٻيٽ جي اتر ۽ ڏکڻ سمنڊ کان پري ۽ ٻيٽ جي اوڀر ۾ ٿي رھيون آھن.
واضح رھي تھ چين تائيوان جي صدر ۽ امريڪي ايوان جي اسپيڪر جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات بعد خودمختيار ٻيٽ جي حڪومت کي ھڪ سخت پيغام جاري ڪيو ھو.
تائيوان جي صدر سائي انگ وين جي ڪيلي فورنيا ۾ امريڪي ايوان جي اسپيڪر ڪيون ميڪارٿي سان ملاقات بعد بيجنگ پاڙيسري ملڪ جي ويجھو سمنڊ ۾ جنگي ٻيڙا موڪليا ھئا.
خابرو اداري موجب، چين جمھوري خودمختيار تائيوان کي پنھنجي سرزمين جو حصو سمجھي ٿو ۽ ضرورت پوڻ تي ھڪ ڏينھن طاقت جي ذريعي قبضو ڪرڻ جو ارادو بھ رکي ٿو.
گذريل سال آگسٽ ۾ امريڪي اسپيڪر نينسي پلوسي جي تائيوان دوري تي رد عمل ۾ چين سڀ کان وڏيون ھوائي ۽ سامونڊي جنگي مشقون بھ ڪيون ھيون.