ڪراچي مان مبينا طور اغوا ٿيل پ پ اڳواڻ اياز احمد مهر جي بازيابيءَ لاءِ چڪ شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري هزارين شهرين پاران ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ڪراچي مان مبينا طور اغوا ٿيل پ پ اڳواڻ اياز احمد مهر جي بازيابيءَ لاءِ چڪ شهر ۾ شٽربند هڙتال سبب ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا.
هزارين شهرين پاران ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ڌرڻي سبب مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
ايس ايس پي خيرپور روحل خان کوسو احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي ويو.
ايس ايس پي خيرپور روڊ کولڻ جي شرط تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ چيو آهي.