آءِ بي اي جي پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي وارثن جي ڊبليو سي جي تحريڪ جي حمايت ڪندي 4 مئي تي ڪراچيءَ ۾ رٿيل احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
شهيد ڊاڪٽر اجمل ساوند جي وڏي ڀاءُ طارق ساوند سکر ۾ سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي پنهنجي ڀاءُ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ جي ڊبليو سي جي تحريڪ جي حمايت جو اعلان ڪيو.
سندس چوڻ هو ته هو شهيد ڊاڪٽر اجمل ساوند جي پٽ سان گڏ احتجاج ۾ شريڪ ٿيندو.
طارق ساوند سنڌ جي باشعور عوام، استادن ۽ شاگردن کي به احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪئي.
هن چيو ته جي ڊبليو سي شروع کان ئي اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاريءَ واري جدوجهد ۾ ساڻن گڏ رهي آهي.
طارق ساوند سنڌ حڪومت تي بي اعتماديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سندس ڀاءُ جي قتل کي 21 ڏينهن ٿي ويا آهن پر قاتل اڃا تائين گرفتار نه ٿيا آهن.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به قسم جي ڪاروائي نه پئي ڪري، سنڌ حڪومت ته اڃا تائين ساڻن ڏک جو اظهار به نه ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ڊاڪٽر اجمل جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي.
طارق ساوند چيو ته ايس ايس پي عرفان سمون کي هٽائڻ وارا ئي قاتلن جا مددگار آهن.