ڪراچيءَ جي گارڊن واري علائقي ۾ اکين جي ماهر ڊاڪٽر بيربل جي ٽارگيٽ ڪلنگ واقعي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتو.
ڪجهه ڏينهن اڳ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيل اکين جي ماهر ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جي قتل جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ شخص کي اولڊ سٽي ايريا مان گرفتار ڪري ورتو.
ذريعن موجب، شڪ آهي ته گرفتار ڪيل شخص، ڊاڪٽر بيربل جي قتل ۾ ملوث آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل شخص، ڊاڪٽر بيربل جي اسسٽنٽ قرت العين جو ويجهو مائٽ آهي.
ان کان اڳ ڪراچي ۾ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيل اکين جي ماهر ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گارڊن ٿاڻي تي مقتول جي ڀاءُ ريوو گنياڻي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
فريادي ڪيس ۾ ڊاڪٽر بيربل سان گڏ زخمي ٿيل عورت اسسٽنٽ تي به قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو.
فريادي پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته زخمي عورت اسسٽنٽ قرت العين سڌي ريت يا اڻ سڌيءَ ريت ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جي قتل ۾ ملوث ٿي سگھي ٿي.
واضح رهي ته ڊاڪٽر بيربل کي خميس ڏينهن لياري ايڪسپريس وي ڀرسان فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو، واقعي ۾ عورت اسسٽنٽ به زخمي ٿي پئي هئي.
اکين جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر بيربل، اڳوڻو سينيئر ڊائريڪٽر هيلٿ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن گيني اسپينسر آئي اسپتال، لياري جو ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ پڻ رهيو.
مقتول ڊاڪٽر بيربل پڻ تازو ئي پنهنجي ڌيءَ سان گڏ پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي هئي.