ڊجيٽل آدمشماري، مهانگائي ۽ بدامني خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو پيادل مارچ منزل طرف روان دوان آهي.
ملير جي علائقي گلشن حديد ۾ رات ترسڻ بعد ايس يو پي جو قافلو ڪراچي پريس ڪلب طرف روانو ٿي ويو.
مختلف تنظيمن طرفان ايس يو پي جي قافلي جي شاندار آجيان ڪئي پئي وڃي.
ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.
هنن چيو ته ، ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي.