سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته خدشا ختم ڪرڻ کانسواءِ ڊجيٽل آدمشماري ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.
ڪراچي ۾ پ پ جي ملٽي پارٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي آدمشماري بابت پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ماضي ۾ به دٻاءَ باوجود آدمشماريءَ جا نتيجا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
ڊجيٽل آدمشماري ۽ سنڌ جي خدشن بابت پيپلز پارٽيءَ جي ملٽي پارٽي ڪانفرنس ۾ مختلف سياسي ۽ قومپرست تنظيمون شريڪ آهن.