تازه ترين

ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردن جي ايف سي چيڪ پوسٽ تي حملي سبب 10 اهلڪار شهيد

ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردن جي ايف سي چيڪ پوسٽ تي حملي سبب 10 اهلڪار شهيد ٿي ويا.

گهرو وزارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته دهشتگردن ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درازنده ۾ زام ايف سي چيڪ پوسٽ تي رات جي اونداهيءَ ۾ حملو ڪيو، حملي سبب ايف سي جا 10 جوان دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿيا.

بيان ۾ چيو ويو ته شهيد ايف سي اهلڪارن مان ڇهن جو تعلق ڏکڻ وزيرستان ۽ چار ڪرڪ ضلعي سان تعلق رکندڙ آهن.

گهرو وزارت ايف سي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ ڊي آءِ خان ۾ ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت  ڪندي شهيد اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪئي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
42 %
0.4kmh
23 %
اڱارو
10 °
اربع
12 °
خميس
14 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون