ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص ڪراچي شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو.
رينجرز ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ميجر جنرل اظهر وقاص حسن اسڪوائر، نيپا، يونيورسٽي روڊ، گلشن اقبال، سهراب ڳوٺ، عائشه منزل ۽ واٽر پمپ جو دورو ڪيو.
ترجمان موجب، ميجر جنرل اظهر وقاص گرومندر، طارق روڊ ۽ زينب مارڪيٽ به دورو ڪيو.
ان موقعي تي ڊي جي رينجرز سيڪٽر ڪمانڊرز سڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني.
ڊي جي رينجرز چنڊ جي رات ۽ عيد الفطر جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتطام وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي.