ڊکڻ ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ بيواهه عورت کي قتل ڪيو ويو آهي.
ڳوٺ مير محمد لولائي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدارن بندوق جا فائر ڪري وحيده لولائي کي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
علائقي ۾ چوٻول آهن ته جوابدارن جو برادري ۾ معمولي ڳالھه تي مسئلو هلندڙ هو وحيده جو مڙس 4 مهينا اڳ فوت ٿي ويو ۽ کيس هڪ پٽ جو اولاد آهي مخالفن کي ڦاسائڻ لاءِ ننڊ ستل بيواهه عورت مٿان فائر ڪري قتل ڪري ڪارنهن جو ڪوڙو الزم مڙهيو پيو وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڳوٺ مير محمد لولائي ۾ بيواھه عورت کي ڀائرن ۽ سئوٽن ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي قتل ڪيو آهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو