بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا جي مشهور ڪپڙي مارڪيٽ ۾ باهه لڳي وئي، جنهن سبب ڪروڙين ٽـَـڪن جو نقصان ٿيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب انتظاميا پاران ٻڌايو ويو آهي ته ڍاڪا جي مشهور ڪپڙن جي بازار بنگا بازار ۾ باهه لڳي وئي.
بنگا بازار، 3 هزار دڪانن تي ٻڌل آهي ۽ باهه سبب سوين دڪانن ۾ پيل ڪپڙو سڙي رک ٿي ويو آهي.
فائر برگيڊ عملي جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ جو اطلاع ملندي ئي عملو واقعي واري هنڌ پهتو ۽ باهه وسائڻ جي عمل ۾ حصو ورتو پر باهه جي شدت خطرناڪ حد تائين پهچي چڪي هئي.
انتظاميا موجب مارڪيٽ ۾ لڳل باهه وسائڻ جي عمل ۾ 600 فائر برگيڊ عملي حصو ورتو ۽ فوج کي به طلب ڪيو ويو، اڃا تائين ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.
ميڊيا رپورٽن موجب اڃا تائين باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.