ڏهرڪي ۾ پوليس مبينا مقابلي ۾ ٻه ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ايس ايڇ او ڏهرڪي جو چوڻ آهي ته ڪٽا مهاڻا پل وٽ ڏوهارين سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ٻه ڏوهاري مارجي ويا آھن.
پوليس موجب مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، سندن لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.
هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جي سڃاڻپ راشد جٽ ۽ اختر ڪوڀر جي نالن سان ٿي آهي، جن کي پوليس هفتو اڳ ڦر مزاحمت تي قتل ٿيل اميربخش راڄڙي جي ڪيس ۾ هڪ ڏينهن پهريان گرفتار ڪيو هو.
ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ ڏهرڪي ۾ واپاري اميربخش راڄڙي کان 35 لک ڦر ڪيا ويا هئا ۽ مزاحمت تي ڦورن اميربخش کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو.