آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ڏوهن ۾ واڌاري جو سبب منشيات جا اڏا آهن، منشيات ۽ گُٽڪي خلاف ڪامياب ڪارروائي ۽ ملوث عنصرن کي گرفتار ڪرڻ سندن مقصد آهي.
ڊي آءِ جي حيدرآباد جي آفيس ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ منشيات ۽ گٽڪي جي واپارين جي گرفتارين، ڏوهن جي صورتحال ۽ پوليس ايڪشن، رينج ڊي آءِ جي کي جاچ جي شعبي بحالي ۽ چيني شهرين جي سيڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني وئي.
آءِ جي سنڌ
آءِ جي سنڌ هدايت ڪندي چيو ته منشيات جي خريداري ۽ وڪري ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري بابت اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
آءِ جي پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته حيدرآباد رينج ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ ڏوهارين خلاف ڪارروايون تيز ڪيون وڃن.
اجلاس دوران ڊي آءِ جي حيدرآباد جاچ واري شعبي کي منظم ڪرڻ لاءِ کنيل سمورن قدمن تي بريفنگ ڏني.
ان تي آءِ جي سنڌ چيو ته جاچ واري شعبي جي مجموعي معاملن، قدمن کي وڌيڪ مضبوط ۽ اثرائتو بڻايو وڃي.
غلام نبي ميمڻ چيو ته مختلف ڏوهن ۾ ملوث گرفتار جوابدارن کي عبرتناڪ سزائون ڏيارڻ ۾ جاچ کاتي جو ڪردار انتهائي اهميت رکندو آهي.
هن چيو ته ڏوهن ۾ واڌاري جو سبب منشيات جا اڏا آهي، منشيات، گٽڪا، ماوا خلاف ڪامياب ڪارروائي ۽ ان ۾ ملوث عنصرن کي گرفتار ڪرڻ سندن مقصد آهي.
اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ سنڌ، حيدرآباد ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد رينج جا ڊي آءِ جيز، لاڳاپيل ضلعن جي ايس ايس پيز ۽ اسپيشل برانچ جي ايس ايس پيز شرڪت ڪئي.