ڏکڻ آفريڪا جي ٽرانسپورٽ واري عورت وزير کان گارڊن جي موجودگي ۾ ھٿياربند ڦورو ڦر لٽ ڪري فرار ٿي ويا.
پرڏيھي ميڊيا موجب، ڏکڻ آفريڪا جي ٽرانسپورٽ واري وزير سان ڦر لٽ جو واقعو گارڊن جي موجودگي ۾ پيش آيو جنھن جو ذڪر پارليامينٽ ۾ بھ ڪيو ويو.
عورت وزير پارليامينٽ ڪميٽي کي ٻڌايو تھ ھڪ تڪليف ڏيندڙ ۽ افسوسناڪ واقعو ھو، ھوءَ گارڊن سان گڏ سفر ڪري رھي ھئي تھ ٽائر پنڪچر ٿي پيو، ھوءَ گاڏي ۾ ويٺي ھئي تھ ٽن ھٿياربندن موبائل فون سميت ٻيو سامان ڦر ڪيو.
پوليس موجب، ڦورن جي گرفتاري لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، کين جلد قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو.
ميڊيا رپورٽس موجب ڏکڻ آفريڪا ۾ ھٿيارن جي زور تي ڦر جا واقعا عام آھن ۽ ھلندڙ سال وڏي پئماني تي فائرنگ جا واقعا پڻ رپورٽ ٿيا آھن….